ڀارت سي پيڪ خلاف آهي، پاڪستان ڪنهن به مهم کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي: سعد رفيق

لاهور (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ڪنهن به سياسي قيادت کي ڏاڍ سان ۽ الزام هڻي سياست مان ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهجي پاڪستان موجوده وقت ۾ ڪنهن به مهم جي سٽ نه ٿو صحيح سگهي ملڪ خطري ۾ آهي آمريڪا ۽ ڀارت اسان جي خلاف آهن ڀارت سي پيڪ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ افغانستان به ٻريو پيو آهي. اسان هڪ ٻئي کي معاف ڪري ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، عقل مند ماڻهن کي گهرجي ته اهي هوش سان معاملا ٺيڪ ڪن، احڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي تڪ چونڊ ۾ گوهاوا اسڪول جي افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو، اسان سمجهون ٿا ته تعليم ۽ شعور کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي. ڪجهه سال پهريان هنن گهرن تائين پهچڻ لاءِ رستو نه هيو پر اڄ ماڻهو خوش آهن مخالف چون ٿا ته ميٽرو نه ٺاهيو پل نه ٺاهيو ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرايو اسان سمجهون ٿا ته بنيادي ڍانچي کان سواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته هڪ ماڻهو روزانو ٽي وي تي اچي ڪوڙ ڳالهائيندو هو آخر پنهنجي ڄار ۾ ڦاسي پيو، خيبرپختونخواهه ۾ عاصمه جا قاتل نه پڪڙجي سگهيا ته پوءِ ڪهڙي سبب سٺي پوليس جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، ڪراچي وارو ڪراچي ۾ ڪم ڪريو ۽ ڪراچي کي ٺاهيو جيئن لاهور کي ٺاهيو ويو آهي. هڪ وقت هيو جڏهن ڪراچي لاهور کان ترقي ۾ اڳتي هئي اڄ ڀيٽ ئي نه ٿي ڪري سگهجي اڄ ڪراچي ڪٻاڙي ۽ لاهور مثالي شهر بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته اسان گذريل ساڍا چار سال محنت ۽ ديانتداري سان ملڪ جي خدمت ڪئي بنا فرق ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا، ڪراچي جو امن بحال ڪيو، بلوچستان جي ماڻهن کي جبلن تان لاهي قومي سوچ ۾ شامل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پر ڪجهه مفاد پرست ٽولا پاڪستان خاص ڪري مسلم ليگ (ن) جون ڪاميابيون پسند نه آيون گذريل ساڍن چئن سالن ۾ مسلم ليگ (ن) تي هر قسم جا حملا ڪيا ويا ڪڏهن ڌرڻا هنيا ويا ته ڪڏهن ڪئناڊا جي مولوي کي گهرايو ويو اسان ڪنهن اداري يا شخصيت جا مخالف ناهيون جج بحالي تحريڪ ۾ نواز شريف ئي سڀ کان اڳيان هو پر عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي نااهل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *