ڀارت سريلنڪا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 278 رنسن جي واضح مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ڀارت سريلنڪا کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 278 رنسن جي واضح مارجن تان شڪست ڏئي 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. ميزبان ٽيم سريلنڪا 413 رنسن جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 134 تي آئوٽ ٿي وئي. ريمٿ ڪرونا رتني 46 رنسن سان ٽاپ اسڪور رهيو. روي چندرن اسٽيون 5 ۽ اميت مشرا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڀارت اوپنر لوڪيش راهول کي 108 رنسن جي اننگز کڏيڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ڀارت پاران روي چندرن ايشون سڀ کان ڪامياب بالر رهيو، هن 42 رنسون اسڪور ڪيون ۽ 5 وڪيٽون ورتيون. اميت مشرا 3، جڏهن ته اميش ياديو ۽ ايشانت شرما هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، لوڪيش راهول کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن ته سريلنڪا ۽ ڀارت جي چ ۾ فيصلائتي ٽيسٽ ميچ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين سنهاليز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن چ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. گال ۾ کيڏيل پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ٽيم ڀارت کي هارائي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي پر ايندڙ ميچ ۾ ڀارتي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ آئي لينڊرز کي 278 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي سيريز برابر ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *