ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار سرتاج عزيز 10 جولاءِ تي پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو اهم ڏينهن ڪوٺيندي چيو ته هن ڏينهن شهنگائي تعاون تنظيم پاڪستان کي گڏيل طور تي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ٽن وڏن ملڪن جي سربراهن سان پاڪستان جي وزيراعظم جون ملاقاتون ٿيون ڀارتي وزيراعظم سان نوازشريف جي ملاقات ڪنهن ڳالهين واري عمل جي باضابطه شروعات نه هئي مسئلن جي حل لاءِڳالهه ٻولهه لاءِ مفاهمت حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو گڏيل پڌرنامي ۾ سمورن مسئلن جي حل جو ذڪر آهي جنهن ۾ ڪشمير پهرين نمبر تي اهي ڏکڻ ايشيا جو عوام امن جو خواهشمند آهي وزيراعظم جي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ۾ تجارت سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ بطرفو لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو پاڪ افغان قيادت پاڪستان ۾ افغان حڪومت ۽ افغان طلابان جي وفد سان 7 جولاءِ تي ٿيندڙ ملاقات تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن جو مقصد افغانستان ۾ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ هو چيني صدر سان ملاقات ۾ ان جي پاڪستان جي دوري دوران فيصلن تي عملدرامد جو جائزو ورتو ويو داعش وڏو مسئلو نه آهي مستقبل ۾ ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان افغانستان کي تعاون ڪرڻو پوندو سرتاج عزيز سومر تي پرڏيهي دفتر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 10 جولاءِ 2015 جو ڏينهن پاڪستان جي سفارتي تاريخ جو اهم ڏينهن هو شنگهائي تعاون تنظيم گڏيل طور تي پاڪستان کي ميمبرشپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ان حوالي سان ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي ۽ ضروري معاملا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجي ويندو هي تنظيم خطي جي ماحول کي سازگار بنائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي جنهن سان ان جي سمورن ميمبرن ملڪن ۾ امن ۽ خوشحالي ايندي هن چيو ته 10 جولاءِ تي هڪ ٻي وڏي اڳڀرائي وزيراعظم جي روسي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٿيل ملاقات ڪئي ٻنهي اڳواڻن سمورن شعبن خاص ڪري تجارت سيڙپڪاري ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ملاقات ۾ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا جن تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي پرڏيهي صلاحڪار ٻڌايو ته وزيراعظم نوازشريف جي انهي ڏينهن چين جي صدر زي جن پنگ سان ٿيل ملاقات سان به اعليٰ ترين سطح تي چيني صدر جي اپريل ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ فيصلن تي عملدرامد جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي سميت ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا ٻيا معاملا شامل آهن هن چيو ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي گهاٽن رشتن ۾ ٻڌل آهن ۽ اهي هر سٺي ۽ بري وقت جا اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي سرتاج عزيز چيو ته ان موقعي تي وزرياعظم نوازشريف جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي رفتار کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ افغان حڪومت ۽ افغان طالبان جي وفدن جي 7 جولاءِ تي ٿيندڙ ملاقات تي به اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن جو مقصد افغانستان ۾ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ هو پاڪستان انهن ڳالهين جي ميزباني ڪئي ۽ هو امن ۽ مفاهمت جي عمل جي حمايت جاري رکندو جيڪو پاڪستان جي هن موقف تي ٻڌل آهي ته هڪ پرامن ۽ خوشحال افغانستان اسان جي خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي نريندر مودي جي ملاقات ڀارت جي درخواست تي دوستاڻي ماحول ۾ ٿي ڀارتي وزيراعظم وزيراعظم نوازشريف جي پرعزم ۽ بهتر پاڙيسري لاڳاپن جي ويزن جي حمايت ڪئي جيڪو ٻئي ملڪ پنهنجي عوام جي معاشي ترقي تي توجهه ڏيڻ لاءِ ماحول فراهم لاءِ اهم آهي هن چيو ته 10 جولاءِ تي ٿيندڙ ملاقات جي نتيجي ۾ اسان کي پنهنجو هڪ وڏو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي جيڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت جي سمورن معاملن کي بامقصد ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ هو. هڪ ٻئي سوال تي سرتاج عزيز ٻڌايو ته پاڪ ڀارت گڏيل پڌرنامي ۾ ڀارت جون ڪيتريون ئي شيون به شامل نه آهن صرف بيانن ۾ ذڪر ڪرڻ سان مسئلا حل نٿا ٿين ان لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ٿي هڪ ٻئي سوال تي هن ٻڌايو ته ڀارت جو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿارڻ جي حوالي سان اڃا ڪوئي فيصلو ناهي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *