ڀارت دهشتگردي مڙهي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: پاڪستان

سيالڪوٽ (اين اين آءِ)پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان جي اوڀر ۽ اولهه سرحدن تي اسان جو پراڻو دشمن دهشتگردي ڪري رهيو آحي جڏهن دهشتگردي مڙهي ويندي ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. وزيراعظم گارين سان نه پر پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن سان ٿيندا آهن سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ساڍا چار سال اڳ پاڪستان ۾ امن هڪ خواب هو پر هاڻي اهو خواب ساڀيان ٿي ويو آهي جهڙي طرح پاڪستان دهشتگردي خلاف ڪاميابيون حاصل ڪيون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. خواجا آصف چيو ته اسان توانائي جا نوان منصوبا شروع ڪيا ۽ بحران تي ضابطو آندو. هن سال جي آخر ۾ 10 هزار 700 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي ويندي اسان سي پيڪ منصوبو شروع ڪيو ۽ تمام جلد گوادر پورٽ خطي جي سڀ کان وڏي بندرگاهه هوندي. سندس چوڻ هو ته سياست ٽڪراءَ جو نه پر محبت ۽ خدمت جو نالو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *