ڀارت خوشفهمي ۾ نه رهي، جيڪڏهن حملو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏينداسين: پرويز مشرف

ڪراچي (اين اين آءِ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت فوج سرحد تي ڪابه سرجيڪل اسٽرائيل نه ڪئي آهي پر جيڪڏهن ڀارت حملو ڪيو ته ان ڳالهه کي مدنظر رکي ته اسان بوٽان نه آهيون جو خاموشي سان ويهي رهيون ڀارتي لابي آمريڪا ۾ پاڪستان جي خلاف تيزي سان ڪم ڪندي پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي پاڙيسري ملڪ جي سازشن سبب پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي جيڪو ملڪ جي مفاد لاءِ صحيح نه آهي. گڏيل قومون ۽ آمريڪا خطي جي صورتحال جو جائزو وٺي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پاڙيسري ملڪن جي سازشن تي ميڊيا ڀرپور مطالبو ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو پرويز مشرف چيو ته اڙي حملي کي بنياد بڻائي ڀارت هر سطح تي پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جون ڪمزوريون سامهون آيون آهن جن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته منهنجي دور ۾ ڀارڊر تي ڇڪتاڻ تمام گهڻي هئي ڀارت پنهنجون فوجون سرحد تي وٺي آيو هو جڏهن ته پاڙيسري ملڪ جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ اسان به سرحد تي وڏي انگ ۾ فوج مقرر ڪئي هئي هن چيو ته پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جتي ملڪي سالميت تي سمورا ماڻهو گڏ ٿي وڃن ٿا ڀارتي فوج ۾ ايتري صلاحيت نه آهي جو هو سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري سگهي پر جيڪڏهن ڀارت اهڙي غلطي ڪئي ته ان کي اسان جي جوانن پاران ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڪشمير جو موضوع بحث هيٺ آيو جيڪو منهنجي لاءِ مسرت جو سبب بڻيو. پاڪستان کي آمريڪا کان گڏيل رابطن سبب ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن عالمي سطح تي اسان جو موقف به ٻڌو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *