ڀارت جي پاڪستان کي ڌمڪي: ڪلڀوشن ڀارت جو پٽ آهي، بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پرڏيهي صلاحڪار سشما سوراج پاڪستان کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ڪلڀوشن جي معاملي کان بي خبر ناهيون، ڪلڀوشن ڀارت جو پٽ آهي، هن کي بچائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين، ضرورت پئي ته ڀارتي صدر سان به رابطو ڪنداسين. ڀارت جي پرڏيهي صلاحڪار سشما سوراج راجيه سڀا ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪلڀوشن جي آزادي جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ڪنداسين، ڪلڀوشن جي معاملي تي سندس وارثن سان رابطي ۾ آهيون، ڪلڀوشن تي اڳڀرائي تي پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن کي نظر ۾ رکي. هن وڌيڪ چيو ته ڪلڀوشن ياديو خلاف پاڪستان جي ڪارروائي بنا جواز آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *