ڀارت جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مات ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي عورتاڻي ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ مات ڏئي تاريخ لکي ڇڏي،سيريز جي ٻي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم آسٽريليا کي 10 وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي.خراب روشني جي ڪري ميچ جو نتيجو ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ هيٺ ڪيو ويو. خراب روشني جي ڪري ميچ 18 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. آسٽريليا اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 18 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ميگ لينگ 49 رنسن جي اننگ کيڏي. جواب ۾ ڀارتي اننگ به خراب روشني جي ڪري متاثر ٿي ۽ 10 اوورن ۾ 66 رنسن جو هدف مليو ،جيڪو ام 9.1 اوورن ۾ بنا نقصان جي پورو ڪري ورتو. واضح هجي ته ڀارتي عورت ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪنهن به فارميٽ ۾ آسٽريليا خلاف گڏيل سيريز ۾ اها پهرين فتح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *