ڀارت جي بچاءَ واري وزير جي بيان مان ثابت ٿي ويو ته ڀارت پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو: خواجه آصف

اسلام اباد (بيورو) ڀارت جي بچاءَ واري وزير منوهر پارڪر جي بيان جي جواب ۾ بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته دهشتگردي جي مقابلي لاءِ دهشتگردي جي حمايت ڪرڻ واري بيان مان اسان جي ان ڳالهه ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث آهي، جي تصديق ٿئي ٿي، هن چيو ته ڀارت جي بچاءَ واري وزير جو بيان کليل ۽ ڇرڪائيندڙ اعتراف ۽ دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ جو اعلان آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته ڀارت جي بچاءَ واري وزير خاص طور چيو آهي ته دهشتگردي وارين سرگرمين کي ختم ڪرڻ لاءِ قائدن ۽ قانونن کي استعمال نه ڪيو ويندو ۽ ان بدران دهشتگردي کي هٿي ڏني ويندي، اهو ڀارت جي ڪابينا جي سطح جي هڪ اهم اڳواڻ طرفان خطرناڪ قسم جو بيان آهي، جنهن مان تصديق ٿئي ٿي ته ڀارت دهشتگردي وارين سرگرمين کي روڪڻ جي نالي تي پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *