ڀارت جي بالادستي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اسنا ڀارت جي بالادستي ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪنداسين، پنهنجن مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو، سرڪاري ٽي وي تي انٽرويو دوران وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن تي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته موجود صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ دوستاڻا تعلق ناهن جڏهن ته پاڪستان تعلقن کي معمول تي آڻڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪندو، ڀارت کي جلد ئي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويندو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻسبب بين الاقوامي سطح تي ان جي ساک خراب ٿي آهي، سرتاج عزيز جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم پنهنجين شرطن تي پاڪستان سان تعلق معمول تي آڻڻ ٿو چاهي جيڪي حڪومت ۽ قوم کي قبول ناهن ۽ نه ئي اسان ڀارت جو اهو اصرار مڃڻ لاءِ تيار آهيون ته پاڪستان ڪشمير کي وساري ڇڏي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارتي بالادستي قبول نه ڪنداسين ۽ پنهنجن مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪنداسين پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڀارت کي ان سلسلي ۾ ڪنهن به شڪ ۾ نه رهڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *