ڀارت جو ڏکڻ آفريڪي رانديگرن سان غلط ورتاءُ، انڊيا ناقص انتظام ڪيا آهن: ڊين اليگر

 

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت مهمان نوازي جا ادب وساري ڇڏيا، پنهنجي ٽيم کي فائيو اسٽار هوٽل، جڏهن ته مهمان ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي گهٽ درجي جي هوٽل ۾ ترسايو. ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٽيسٽ ميچ رانچي ۾ جاري آهي، پر ٻنهي ٽيمن کي ڌار ڌار هوٽلن ۾ ترسايو ويو آهي، ڏکڻ آفريڪي رانديگرن جڏهن هوٽل پهتا ته کين اندر داخل ٿيڻ ۾ به پريشانيون ڀوڳڻيون پيون، جڏهن ته رانديگرن پنهنجو سامان به پاڻ لاهي هوٽل ۾ رکيو. برطانوي خابرو اداري موجب ڀارتي ٽيم فائيو اسٽار هوٽل ۾ ترسي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪن رانديگرن کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ ترسائن بدران گهٽ درجي جي هوٽل ۾ ترسايو، جتي سوئمنگ پول جي به سهولت موجود نه هئي. ڏکڻ آفريڪن بئٽسمين ڊين اليگر به ڀارتي هوٽلن ۽ کاڌي تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته انڊيا ناقص انتظام ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *