ڀارت جو جنگي جنون عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي: پرويز رشيد

لاهور (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڀارت جو جنگي جنون عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي،پاڪستان ۾ مهمانن کي وڏي عزت ڏني ويندي آهي، جنهن جو مثال گيتا آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ڀارت جي رياست ۽ سوسائٽي انتهاپسندي سان ڀريل آهي، ڀارت ۾ هندو انتهاپسندي کي هٿي وٺرائڻ جو مقصد اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان عزت ۽ وقار سان جيئڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته ڀارتي جنگي جنون ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جيڪو خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، هتي ڀارت سميت سمورن ملڪن جي مهمانن کي وڏي عزت ڏني ويندي آهي، جنهن جو مثال گيتا آهي پر ڀارت ۾ پاڪستاني مهمانن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، اهو سڄي دنيا ڏٺو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *