ڀارت جو جارحاڻو رويو علائقائي امن لاءِ خطرو آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جو جارحاڻو رويو علائقي امن لاءِ خطرو آهي پاڪستان چين سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو پاڪستان ون چائنا پاليسي جي حمايت/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 16

 ڪندو رهيو ٻنهي ملڪن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي، معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي خميس تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ چيني سفير ياهوچنگ وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفو لاڳاپا ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي اڀرندڙ علائقائي ماحول سبب اسٽريٽجڪ ماحول کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر چيو ته ڀارت سي پيڪ لنگهه لاءِ ڏکيائون پيد اڪري رهيو آهي صدر چيو ته ڀارت جو جارحانو رويو علائقائي امن لاءِ خطرو آهي. چيني سفير هانگ ڪانگ ۽ ٻين معاملن تي ملڪي موقف جي حمايت تي پاڪستاني حڪومت جا ٿورا مڃيا صدر سلامتي ڪائونسل ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن جي خلاف چين جي حمايت تي ان جا ٿورا مڃيا چيني سفير چيو ته چيني قيادت ۽ عوام پاڪ چين لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪووڊ 19 بحران جي دوران چين جي مدد تي صدر علوي جي ڪردار کي ساراهيو. چيني سفير چيني صدر پاران ان جي ايندڙ سالگرهه تي مبارڪن جو پيغام به ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *