ڀارت جو اصلي چهرو دنيا اڳيان اچڻ گهرجي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ هولندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا تمام ڳڻتي جوڳا ۽ پريشان ڪندڙ آهن ۽ ڀارت جو اصلي چهرو دنيا اڳيان اچڻ گهرجي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته پاڙيواري ملڪ ڀارت ۾ ملسمانن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ پاڪستانين جي خلاف توهين وارو رويو ناهي قبول، هلندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا بدترين آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه پاڙيواري ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي اهو دنيا لاءِ ڳڻتي وارو آهي.وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته وزارت ۾ سمورن هيٺين ادارن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نادرا ۾ ڪرپشن ڪندڙ 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي، اهڙي طره ايف آئي اي جو به پڇاڻو ٿيندو. چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي حوالي سان چوڌري نثار جو چوڻ هو ته عمران خان جي ذاتي زندگي جي واقعي تي دلي ڏک آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *