ڀارت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 600 ڪاميابيون حاصل ڪندڙ چوٿين ٽيم بڻجي وئي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)ڀارت 600 انٽر نيشنل ميچن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندڙ چوٿين ٽيم بڻجي وئي. ڀارت زمبابوي خلاف سيريز جي آخري ميچ تي اهو اعزاز حاصل ڪيو. ان کان اڳ انگلينڊ، آسٽريليا ۽ پاڪسان جون ٽيمون اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪيون آهن. آسٽريلوي تيم 933 انٽرنيشنل ڪاميابين سان پهرين، انگلينڊ 698 ڪاميابين سان ٻي، جڏهن ته پاڪستان 623 ڪاميابين سان ٽين نمبر تي موجود آهي. ان سان گڏوگڏ ڀارت ملڪ کان ٻاهر وڌيڪ انٽرنيشنل ميچون کٽيندڙ دنيا جي چوٿين ٽيم بڻجي وئي آهي. ملڪ کان ٻاهر وڌيڪ انٽر نيشنل ميچون کٽڻ جو عالمي اعزازپاڪستان وٽ آهي جنهن 454 ميچون کٽيون آهن. آسٽريليا 424، ويسٽ انڊيز 348، ڀارت 335، انگلينڊ 334، سريلنڪا 273، ڏکڻ آفريقا 262 ۽ نيوزيلينڊ 208 ڪاميابين سان اٺين نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *