ڀارت-امريڪا نيو ڪليئر معاهدي تي اعتراض ناهي: يوسف رضا گيلاني

پشاور (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ائٽمي معاهدي تي ڪوبه اعتراض نه آهي، هڪ طرفن معاهدن سان دهشتگردي خلاف جنگ ڪامياب نه پر ناڪام ٿيندي آهي. پشاور  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته امريڪي صدر باراڪ اوباما پاران پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ پرڏيهي پالسين جي ناڪامي آهي، جنهن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امريڪا ۽ ڀارت وچ نيو ڪليئر معاهدي تي ڪوبه اعتراض نه آهي، پر هڪ طرفن معاهدن سان دهشتگردي خلاف جنگ ڪامياب نه پر ناڪام ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ اختلاف واريون خبرون بي بنياد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *