ڀارت اسان جي صبر ۽ برداشت کي ڪمزوري سمجهڻ جي غلطي نه ڪري: نواز شريف

باغ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ڀارت جون اڳرائي تي ٻڌل ڪارروائيون خطي جي امن جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رُڌل آهي، جلد دهشتگردي جو خاتمو آڻي عالمي برادري جي امن جو تحفو ڏبو، قومي ايڪشن پلان تحت ملڪ ۾ فتنو ڦهلائيندڙ قوتن خلاف ڪارروائيون جاري آهن، ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. آزاد ڪشمير جي ضلعي باغ ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته پاڪستان ترقي لاءِ قائم ٿيل ملڪ آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جي ناسور کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان نظرياتي ملڪ آهي ۽ اسان جڏهن به اقتدار ۾ آيا آهيون ته اسان جي ايجنڊا ملڪي ترقي کي زور وٺرائڻ رهي آهي. هن چيو ته ڀارت اسان جي صبر ۽ برداشت کي ڪمزوري سمجهڻ جي غلطي نه ڪري، ڀارت جون اڳرائي واريون ڪارروائيون خطي جي ترقي ۽ امن جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهن. هن چيو ته دهشتگردي کي هر صورت ۾ ختم ڪيو ويندو ۽ دهشتگردن جو ساٿ ڏيندڙن کي به معاف نه ڪيو ويندو. نواز شريف چيو ته ڀارت جون اڳرائي واريون ڪارروائيون خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهن، جلد دهشتگردي جو خاتمو آڻي عالمي برادري کي امن جو تحفو ڏنو ويندو. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ امن بحال ٿيڻ جي نتيجي ۾ سياحت کي هٿي ملي آهي. نواز شريف جو اهو به چوڻ هو ته ڪراچي جي ڏوهارين ۾ هٿ وجهڻ کان سندس حڪومت ڊڄڻ واري نه آهي. نواز شريف جو چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ خطي جو ترقي يافته ملڪ ٿي ويندو. وزير اعظم ملڪ ۾ معاشي ترقي جي گراف کي ساراهيو ۽ چيو ته سڄي دنيا هاڻي پاڪستان جي معاشي ترقي جي تعريف ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جون دليون ڪشميري عوام سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ کين ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. وزير اعظم ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي ترقي تي ٻڌل ڪيترن ئي منصوبن جو پڻ اعلان ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *