ڀارت اسان جو پاڻي روڪيو ته چين کي به جواز ملي ويندو: پاڪستان

اسلام آباد/گڏيل قومون (اي پي پي/م.ڊ/اين اين آءِ) گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته ڀارت ڊگهي وقت کان رياستي دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي خطاب تي جواب جو حق استعمال ڪندي پاڪستاني نمائنده چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ڪڏهن به  ڀارت جو اڻ ٽٽ حصو نه رهيو ۽ نه ئي اڳتي ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي ڪوڙن ۽ بي بنياد دعوائن جو پول پڌرو ڪندي چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جنرل اسيمبلي جي خطاب ۾ بلوچستان جو مسئلو اٿاري گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل اصولن جي کليل خلاف ورزي ڪئي آهي. هن پاڪستان کي عالمي برادري ۾ اڪيلو ڪرڻ جي ڀارتي مطالبي کي خود فريبي قرار ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ ۽ جنگ جي خواهش جي بنياد تي ڀارت پاڻ عالمي  برادري ۾ اڪيلو ٿي رهيو آهي. گذريل اڌ صدي دوران ڀارت پنهنجن سمورن پاڙيسري ملڪن خلاف نه رڳو جارحيت اختيار ڪئي پر انهن خلاف دهشتگردي جي سرپرستي به ڪئي. مليحه لوڌي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران 100 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، سوين اکين جي نور کان محروم ٿي چڪا آهن ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهو زخمي آهن.  اها رياستي دهشتگردي جي بدترين شڪل ۽ جنگي ڏوهه آهي، اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهو گڏيل قومن جي اداري جي انساني هقن بابت هاءِ ڪمشنر جي تجويز ي قبول ڪندي  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ جي اجازت ڏئي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان گڏوگڏ ڀارت ۽ پاڪستان ڪشميرين جي خود اراديت جي حق کي تسليم ۽ انهن کي اهو حق ڏيڻ جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي.   گذريل 70 سالن کان ڀارت طاقت ۽ ڌوکيبازي سان ڪشميرين کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ذريعي خود اراديت جي حق جي اظهار ۽ پنهنجي مقدر جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نه پيو ڏئي. خود اراديت جي حق لاءِ  ڪشميرين جي جدوجهد جائز آهي ۽ عالمي برادري  طرفان ان جدوجهد جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ڪشميرين جو حق آهي. هن چيو ته ڀارت اڙي واقعي کي به پاڪستان خلاف الزام هڻڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ظلمن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڪوششن بدران پنهنجن اندروني مسئلن خاص طور تي  12 کان وڌيڪ وڳوڙن تي ضابطو آڻڻ تي ڌيان  ڏئي ته اهو ان جي حق ۾ بهتر ٿيندو. هن ڀارتي پرڏيهي وزير جي ان دعويٰ کي به ڪوڙو قرار ڏنو ته ڀارت پاڪستان سان ڳالهين لاءِ ڪا شرط لاڳو نه ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون هڪ سال اڳ معطل ڪري ڇڏيون هيون ۽ پاڪستان طرفان هر هر آڇ ۽ عالمي برادري جي مشورن باوجود انهن ڳالهين کي بحال ڪرڻ کان انڪاري آهي. وزيراعظم  ۾ محمد نواز شريف ڀارت کي ڳالهين جي تازي آڇ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تازو پنهنجي خطاب ۾ ڪئي آهي، هتي هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ ضروري آهي ۽ اها هيءَ آهي ته ڳالهيون رڳو پاڪستان نه پر ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي مفاد ۾ آهن.  وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ان تي ڀرپور احتجاج ڪندو ۽ ان معاملي کي عالمي بينڪ ۽ بين الاقوامي عدالت ۾ کڻي وڃبو، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڌيان طلب نوٽيس جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڀارت خلاف ٿيندڙ جنگيون ۽ ڪارگل واقعي کانپوءِ به سنڌ طاس معاهدو معطل نه ڪيو ويو هو، هن قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته عالمي بينڪ سنڌ طاس معاهدي ۾ نه صرف سهولتڪار هو پر ان معاهدي جي ضامن به هئي ۽ ڀارت هڪ طرفي طور تي ان معاملي تي فيصلو نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي اٿاري پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به قسم جو ڀارتي دٻاءُ قبول نه ڪندو. ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط کي طلب ڪري اڙي حملي جون شاهديون پيش ڪيون آهن جنهن کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزارت عبدالباسط کي طلب ڪري اڙي حملي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جون شاهديون پيش ڪيون. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط ڀارتي الزامن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، اڙي حملي سان اسان جو ڪو لاڳاپو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پڪن ثبوتن کان سواءِ پاڪستان تي الزام هڻڻ بند ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *