ڀارت اخلاقي ميدان ۾ بري طرح جنگ هارائي چڪو آهيۡ: بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نريندر مودي جو نظريو هندو قوم پرستي ۾ انتهاپسندي جي حد تائين وڃڻ وارو آهي ۽ ڀارت اخلاقي ميدان ۾ بري طرح جنگ هارائي چڪو آهي. بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جو دورو ڪيو ۽ پ پ بلتستان ڊويزن ۽ اسڪردو جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته کيس علائقي جي سياسي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري عهديدارن کي تنظيمي معاملن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ڪشميرين جو حقيقي آواز آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا ڪشميرين سان ڪيل واعدا پاڙينداسين. هن چيو ته نريندر مودي کي ويزا تائين نه ملندي هئي، هو من موهن آهي نه واجپائي، اسان شروع کان خبردار ڪري رهيا آهيون ته مودي جو نظريو هندو قوم پرستي ۾ انتهاپسندي جي حد تائين وڃڻ وارو آهي، جڏهن ته ڀارت اخلاقي ميدان ۾ بري طرح جنگ هارائي چڪو آهي. پ پ چيئرمين وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ ڪٺ پتلي فاشسٽ ٻئي ڪٺ پتلي فاشسٽ تي ڪيئن ٿو تنقيد ڪري سگهي، هڪ شخص جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ انساني حقن جا بخيا اڊيڙي رهيو آهي، اهو ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي ڪيئن ڳالهائي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان بلتستان جي ماڻهن کي ٻڌڻ آيو آهيان، مان انهن کان ملڪي مسئلن جي حل لاءِ راءِ گهرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن اسان کي اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪرڻو پيو ته مون کي يقين آهي سڄو گلگت بلتستان اسان سان گڏ هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *