ڀارتي ڪوششون ناڪام، پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ کان بچي ويو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ  کان بچڻ لاءِ ٽن اهم ملڪن جو سهڪار حاصل ڪري ورتو آهي. ترڪ خابرو ايجنسي موجب ڪامياب سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان ترڪي، چين ۽ ملائيشيا جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس طرفان پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ يا نه وجهڻ بابت آخري اعلان آڪٽوبر مهيني ۾ ڪيو ويندو. 36 ملڪن تي ٻڌل ايف اي ٽي ايف جي چارٽر موجب ڪنهن ملڪ جو نالو بليڪ لسٽ ۾ نه وجهڻ لاءِ ٽن ملڪن جي حمايت لازمي آهي. فنانششل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جو تعداد 36 آهي جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، چين، ڀارت ۽ ترڪي سميت 25 ملڪ، نار سهڪاري ڪائونسل ۽ يورپي ڪميشن شامل آهن. تنظيم جون بنيادي ذميواريون عالمي سطح تي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي.  عالمي واچ لسٽ ۾ پاڪستان جو نالو شامل ٿيڻ سان عالمي امداد، قرضن ۽ سيڙپڪاري جي سخت نگراني ڪرڻي پوندي جنهن سان عالمي سيڙپڪاري متاثر ٿيندي ۽ ملڪي معيشت ناڪاري اثر پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *