ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي تي حملو، ۳ جوابدار گرفتار

ممبئي (اسپورٽس نيوز)  ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي تي گهر ٻاهران حملو ٿيو جڏهن ته پوليس ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق ڪولڪتا جي شهر ڪٽجو نگر ۾ ڪرڪيٽر محمد شامي گهر واپسي تي پنهنجي گاڏي پارڪ ڪري رهيو هو ته ان موقعي تي ۳ موٽرسائيڪل سوار نوجوانن ان تي حملو ڪري ڏنو حملي کانپوءِ ڪرڪيٽر محمد شامي جو ملازم ان کي بچائڻ لاءِ گهر کان ٻاهر آيو ته نوجوانن ان کي تشدد جو نشانو بڻايو واقعي کانپوءِ ڪرڪيٽر فوري طور تي پوليس کي حملي جو اطلاع ڏنو جڏهن ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ٽنهي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس مطابق ڪرڪيٽر کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي سڃاڻپ جيانتا سرڪار، سواروپ سرڪار ۽ شيوا پرامانيڪا طور ٿي آهي جڏهن ته ٽي ئي جوابدار ڪرڪيٽر تي حملو ڪرڻ کانپوءِ ويجهي سيلون تي هليا ويا هئا جن کي سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *