ڀارتي ڊرامن کان نفرت، شاهد آفريدي گهر جو ٽي وي ڀڃي ڇڏيو

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي جي ملڪ سان محبت ۽ ڀارت سان نفرت جو اندازو ان واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو ته پنهنجي ئي گهر ۾ ڀارتي ڊرامو هلڻ تي  هن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجو ئي ٽي وي ڀڃي ڇڏيو.هڪ پروگرام ۾ ماضي جو قصو بيان ڪندي بوم بوم آفريدي جو چوڻ هو ته هو گهر ۾ پنهنجي زال کي ڀارتي ڊراما ڏسڻ کان منع ڪندو هو خاص طور تي ٻارن کي ان حوالي سان سخت هدايتون هيون ته هو ٽي وي تي ڀارتي ڊراما يا فلم نه ڏسن.شاهد آفريدي موجب ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري مان نڪتس ته ٽي وي تي مشهور ڀارتي چينل جو ڊرامو هلي رهيو هو، صرف ايترو ئي نه پر منهنجي ننڍيءَ ڌيءَ ناسمجهي ۾ ڊرامي ۾ نظر ايندڙ سين موجب پليٽ پڪڙي آرٿي اتارڻ جي نقل ڪري رهي هئي.اهو منظر ڏسي شاهد آفريدي جي ڪاوڙ جي انتها نه رهي هن ڌيءَ کي ڪجهه چوڻ بجاءِ ٽي وي ڀڃي ڇڏيو. واضح رهي ته شاهد آفريدي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي مودي سرڪار کي اڪثر تنقيد جو نشانو بنائيندو رهيو آهي ۽ ان جا سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان جاري ڪيل بيان مداحن ۾ به ڪافي مشهور آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *