ڀارتي ٽينس ۽ شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊجي وئي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس ۽ پاڪستاني ناليواري ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا کي راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب گذريل مهيني ومبلڊن اوپن ٽينس ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڀارتي راند واري وزارت راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ ثانيا مرزا جو نالو چونڊ ڪميٽي کي موڪليو ويو هو، جنهن ثانيا مرزا جي نالي جي چونڊ راجيو گانڌي رتنا ايوارڊ لاءِ ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ ڀارتي ٽينس ايسوسئيشن ثانيا مرزا جو نالو ان ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو، پر ايسوسئيشن پاران ثانيا مرزا جو نالو جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري راند واري وزارت خاص اختيار استعمال ڪندي ثانيا مرزا جو نالو راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊ ڪميٽي کي موڪليو. ٻئي پاسي راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ ڀارتي هاڪي ٽيم جي ڪپتان سردار سنگهه، اسڪوائش جي رانديگر دپيڪا پاليڪل سوڌو ٻيا به شامل آهن، پر اميد اها ڏيکاري پئي وڃي ته ايوارڊ ثانيا مرزا جي نانءُ ٿيندو، جڏهن ته کيس ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي تي ايوارڊ ڏنو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *