ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڌونيءَ تي ڪيس داخل

نئين دهلي  (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني سميت 8 ڄڻن خلاف بهار جي بيگوسرائي سي جي ايم ڪورٽ ۾ 30 لک رپين جو چيڪ بائونس ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊي ايس انترپرائزز جي مالڪ نيرج ڪمار نرالا بيگوسرائي ڪورٽ آف جسٽس رومپا ڪماري جي چيف جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ نيو گلوبل پراڊڪشن انڊيا لميٽڊ نئين دهلي، ڪمپني جي چيئرمين مهندر سنگهه ڌوني سميت 8 ڄڻن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو.عدالت ۾ دوکي ڏيڻ وارو قلم شامل ڪيو ويو آهي جنهن تحت الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ٻه سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا چي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *