ڀارتي هاڪي رانديگرياڻي جوتي گپتا ٽرين هيٺان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز)  ڀارتي هاڪي جي رانديگرياڻي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق ڀارت جي هاڪي جي رانديگرياڻي جوتي گپتا ٽرين اڳيان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ٽرين جي ڊرائيور پوليس کي اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، ٽرين ڊرائيور چيو آهي ته جوتي گپتا اوچتو ٽرين جي اڳيان اچي وئي، تيز رفتار هجڻ سبب ٽرين کي بريڪ نه لڳائي سگهيس، پوليس کي لاش روهتڪ ريلوي لائين وٽان مليو، پوليس موبائل فون جي بنياد تي لاش جي سڃاڻپ ڪئي آهي ٻئي طرف جوتي گپتا جي وارثن سندس خودڪشي واري امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته حادثي کان اڳ جوتي گپتا پنهنجي ماءُ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران جوتي گپتا جي ڳالهائڻ مان نه پئي لڳو ته هوءَ خودڪشي ڪري رهي آهي، جوتي گپتا جي وارثن معاملي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *