ڀارتي قدم رد، ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي: پاڪستان

اسلام آباد/ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جو ڀارتي قدم رد ڪري ڇڏيو. ڀارتي حڪومت طرفان صدارتي حڪم نامي ذريعي والاريل ڪشمير جي خاص اختيارن بابت آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جنهن تحت والاريل ڪشمير هاڻ رياست نه چورائبي ۽ لداخ به ڀارتي يونين جو حصو هوندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڪشمير بابت ڀارت جي صدارتي آرڊيننس جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويندو آهي. پڌرائيءَ موجب ڀارت جي هڪ طرفن فيصلن سان ڪشمير جي حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهجي، ڀارت جا اهڙا قدم ڪشميرين لاءِ قبول ڪرڻ جوڳا نه هوندا. پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڀارت جي ان غير قانوني قدم خلاف سمورا آپشن استعمال ڪندو ۽ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ٻئي طرف ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪندي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مودي سرڪار  ڀارتي آئين ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ والاريل ڪشمير هاڻ رياست نه پر وفاقي علائقو سڏرائيندو جنهن جي قانونساز اسيمبلي هوندي. مودي سرڪار والاريل وادي کي 2 حصن ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير کي لداخ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لداخ کي وفاق جي انتظام هيٺ علائقو قرار ڏنو ويندو ۽ ان جي به قانونساز اسيمبلي  هوندي. ڀارتي گهرو وزير اميت شاهه پارليامينٽ راجيه سڀا ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ختم ڪرڻ جو بل به پيش ڪيو. اجلاس جي دوران ڀارتي اپوزيشن والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت احتجاج ڪيو. ڀارتي آئين جي ان شق ختم ٿيڻ سان فلسطينين جيان ڪشميري به بي وطن ٿي ويندا. ڇو ته ڪروڙن جي تعداد ۾ غير مسلم آبادگار ڪشمير ۾ آباد ٿي ويندا ۽ هو ڪشميرين جي زمينن، وسيلن ۽ روزگار تي قبضو ڪري وٺندا. ڀارت جي آئين جي قلم 370 تحت رياست جمون ڪشمير کي وفاق ۾ هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. والاريل ڪشمير کي پنهنجو آئين ٺاهڻ جي اجازت آهي ۽ ڪيترائي معاملا به ڀارتي وفاقي آئين جو لاڳو ٿيڻ ڄمون ڪشمير ۾ منع آهي. آرٽيڪل تحت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کان سواءِ ڀارت جو ڪوبه شهري يا ادارو ملڪيت خريد نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته صنعتي ڪارخانا ۽ ڊيم جي لاءِ زمين به حاصل نٿي ڪري سگهجي. قلم 370 ۽ 35 اي جي رد ٿيڻ کان پوءِ والاريل ڪشمير جي آبادياتي، جغفرائي ۽ مذهبي صورتحال تبديل ٿي ويندي. والاريل ڪشمير۾ رهندڙ مسلمانن جي اڪثريت ختم ٿي ويندي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *