ڀارتي فورسز والاريل وادي ۾ وڌيڪ 7 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ قابض فورسز وڌيڪ 7 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز ڪپواڙا ضلعي ۾ رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. سرينگر ۾ ڀارتي فوج جي ترجمان ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ته ڪشميرين نوجوانن کي ڪيرن جي علائقي ۾ ماريو ويو. هوڏانهن شوپيان ۾ هڪ شهيد نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪشميرين شرڪت ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *