پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي اڳرائي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي هر فورم تي اٿارڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان ڀارت پاران هٿين خالي ڪشميرين تي وڌندڙ ڀارتي اڳرائي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي هر فورم تي اٿرڻ جو فيصلو ڪيو آهي آچر تي شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ اڳوڻن سيڪريٽريز جو هنگامي صلاح مشورن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڳڻتي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير جي صورتحال کي سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي ڀارتي ارادن ، خطي ۾ امن امان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري انساني حقن جون تنظيمون تڪڙو ان صورتحال جو نوٽيس وٺن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *