ڀارتي فوج هٿان ڪشيري نوجوانن جي شهادت مذمت جوڳو عمل ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان آئيشه فاروقي چيو آهي ته ڀارت جعلي مقابلن ۽ نام نهاد سرچ آپريشن ۾ وڌيڪ 14 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي ڀارتي فوج هٿان ڪسميري نوجوانن جي شهادت مذمت جوڳي ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي او آءِ سي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. خميس تي هفتيوار ميڊيا ڄاڻ ڏيندي آئيشه فاروقي چيو ته گذريل 326 ڏينهن کان والاريل ڪشمير ۾ غير انساني لاڪ ڊائون جاري آهي گذريل 5 مهينن ۾ 110 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته تازو ئي ڀارتي فوج جعلي مقابلن ۽ سرچ آپريشن جي نالي تي وڌيڪ 14 ڪشمرين کي شهيد ڪيو ترجمان چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري نوجوانن جي عدالت مٿاهين قتل جي مذمت ڪري ٿو ڪشميرين جي قتل ۾ بي جي پي سرڪار سڌي سنئين ملوث آهي عدالت مٿان قتل عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. گذريل 6 مهينن ۾ ڀارت ايل او سي تي 10 هزار 440 ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *