ڀارتي فوج جي جارحيت جاري، عورت سميت وڌيڪ 3 شهيد، انگ 13 ٿي ويو

سيالڪوٽ(م.ڊ) ڀارت طرفان لNNI09-13 copyائين آف ڪنٽرول جي مختلف هنڌن تي اڄ به ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ڀارتي فوج جي بناجواز فائرنگ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ٻبن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، چئن ڏينهن ۾ شهيد ٿي ويل پاڪستانين جو انگ 13 ٿي ويو. ڀارتي فوج طرفان لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فوجي اهلڪارن هڙپال سيڪٽر تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.. فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ظفر وال واري علائقي لهڙي سيڪٽر ۾ به ڀارتي فوج طرفان بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي جنهن سبب هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارتي فوج جي چئن ڏينهن کان ايل او سي تي فائرنگ ۽ گولا باري جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويل پاڪستانين جو انگ 13 ٿي ويو آهي جڏهن ته 45 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ڀارتي فوج پاران شڪر ڳڙهه سيڪٽر، چارو واهه سيڪٽر ۽ ٻين هنڌن فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي وئي آهي، جيڪو سلسلو وفقي وفقي سان جاري آهي. پاڪ فوج جي جوابي فائرنگ بعد ڀارتي توپون خاموش ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته متاثر علائقن مان وڏي پئماني تي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي روانا ٿي ويا آهن. ٻئي طرف پاڪستان ڀارتي فوج طرفان لاڳيتو ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي تي سخت احتجاج ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *