ڀارتي عورت ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز)ڀارت جي عورت ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي ٽيم کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان مات ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1جي سرسي حاصل ڪري ورتي. فاتح ٽيم 141 رنسن جو ٽارگيٽ 19 هين اوور جي چوٿين بال تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو. ان سان گڏ ئي ڀارتي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ وڏو هدف حاصل ڪري نئون ملڪي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.هرمن پريٽ 46 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سيريز جي پهرين ٽي 20 ميچ ۾ ميزبان آسٽريلوي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 5 وڪيٽن تي 140 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ڀارت جي ٽيم گهربل ٽارگيٽ 18.4اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي حاصل ڪيو.. جيست جو ناسين ۽ ميگن ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *