ڀارتي حڪومت شاهه رخ خان ۽ عامر خان کان سيڪيورٽي به واپس وٺي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ انتهاپسندي ۽ حڪومت جي رويي تي ڳالهائڻ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن شاهه رخ خان ۽ عامر کي مهانگو پئجي ويو،ڀارتي حڪومت پاران شاهه رخ خان،عامرخان ۽ ٻين 40 اداڪارن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو فيصلو.ميڊيا رپورٽ مطابق ڀارتي حڪومت جو انتهاپسندي وارو هڪ ٻيو فيصلو سامهون اچي ويو آهي،ممبئي پوليس عامر خان شاهه رخ خان ۽ 40 ٻين اداڪارن کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي،جنهن تي پوليس اختيارين ڳالهائيندي چيو آهي ته،سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو فيصلو يا گهٽ ڪرڻ جو فيصلو معمول مطابق آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *