ڀارتي حڪمران وساري ڇڏين ته اهي طاقت جي نشي ۾ ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي ڪچلي سگهن ٿا: شهبازشريف

لاهور (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان سندن آزادي حاصل ڪرڻ تائين گڏ هوندو پاڪستان ڪشميرين جي جائز قانوني حقن لاءِ هرهڪ فورم تي آواز اٿاريندو شهبازشريف وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪسمير راجا فاروق حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم کي رد ڪيون ٿا ڪشمير ٺهندو پاڪستان ئي ۽ اسان جي ۽ ڪشميرين جي منزل آهي ڀارتي حڪمران اها ڳالهه دل مان ڪڍي ڇڏين ته اهي طاقت جي ڏاڍ تي ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي ختم ڪري سگهن ٿا والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائينداسين پاڪستان جو ننڍو وڏو پنهنجو سر ڏيندو پر ڪشمير ڪاز کان پوئتي نه هٽندو وزراعظم راجا فاروق حيدر خان آٿت ڏيڻ تي شهبازشريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان هڪٻئي لاءِ ضروري آهن ٻنهي جو رشتو ڪوئي ختم نٿو ڪري سگهي ڪشميرين جا حوصله مضبوط آهن ڪشمير جنت آهي جيڪو ڪافر جي مقدر ۾ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *