ڀارتي جبر ڪشميرين جي آزاديءَ واري جذبي کي چيڀاٽي نه ٿو سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد/سرينگر/نيو يارڪ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، ڀارت مخالف ريليون روڪڻ لاءِ والاريل واديءَ ۾ فوج ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، قابض انتظاميه مير واعظم عمر فاروق، سيد علي گيلاني، ياسين ملڪ سميت سموري حريت قيادت کي گهرن ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو ، جڏهن ته کين جمعي جي نماز ۾ به شرڪت تي به پابندي مڙهي وئي، آمريڪا ۽ برطانيا سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري شهري پنهنجي ڌرتي تي ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو، ان سلسلي ۾ ريليون، جلسا، جلوس ۽ احتجاج ڪيا ويا، جڏهن ته سڀ کان وڏو مظاهرو آزاد ڪشمير جي مرڪزي هنڌ مظفر آباد ۾ ڪيو ويو،وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڀارتي جبر ڪشميرين کي آزاديءَ جي جذبي تان پوئتي نه ٿو هٽائي سگهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪشميرين کي قربانين ۽ جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ۾ ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير تي قبضو ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا واعدي باوجود ڪشميرين کي سندن حق نه ڏنو ويو. هن چيو ته ڪشمير ۾ انسانيت سوز ظلمن جو سڄي دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي،ڀارتي جبر ڪشميرين کي آزاديءَ جي جذبي تان پوئتي نه ٿو هٽائي سگهي، جڏهن ته پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.  ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته ڀارتي اهڙي مهم کان پري رهي جيڪا خطي جي امن لاءِ نقصانڪار آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي قبضي کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي مليحا لوڌي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪشمير جو هر ڏينهن ڪارو ڏينهن آهي، 70 ورهين کان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل جا منتظر آهن، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جا ٺهراءَ امن قائم ڪرڻ جو واحد رستو آهن. هن چيو ته ڪشمير تي ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف پاڪستان ڪشمير عوام جي جدوجهد جي حمايت ڪندو رهندو،  ڪشمير مسئلي جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن توڙي استحڪام جي ضمانت آهي، ڪشمير تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي ظلم سبب هڪ لک ڪشميري شهيد ٿيا آهن، ڀارت اهو ملڪ آهي جتي اجتماعي طور ڪشميرين کي نور کان محروم ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي طور ڪشميرين جي حمايت ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *