ڀارتي اڳراين جو سبب پاڪستان جي ڪمزور پرڏيهي پاليسي آهي: خورشيد شاهه

پشاور (اين اين آءِ) پ پ پ جي اڳواڻ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مستقل پرڏيهي وزير جو نه هجڻ پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جو سبب آهي ڀارت سان لاڳاپا هميشه تڪرار جو شڪار رهيا آهن ملڪ جي ناڪام پرڏيهي  پاليسين سبب پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر نه آهن اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پشاور ۾ حاجي عديل جي لاڏاڻي تي ان جي گهر وڃي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيدشاهه چيو ته حڪومت جي خلاف جڏهن به نڪرنداسين ته هر پارٽي کي گڏ کڻي هلنداسين هن چيو ته حڪومت جو پرڏيهي پاليسي تي ڌيان نه آهي صرف قرض وٺڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر نه آهن ڀارت سان لاڳاپا هميشه تڪرار جو شڪار رهيا آهن هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي مستقل پرڏيهي وزير جو نه هجڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو وڌيڪ وقت ٻاهرين دورن ۾ گذري رهيو آهي هن چيو ته وزيراعظم وٽ پارليامينٽ اچڻ لاءِ وقت نه آهي يو اي اِي ۽ سعودي عرب ۾ ڀارت جو اثر رسوخ وڌيڪ ٿي رهيو آهي ايران افغانستان ۽ ڀارت سان لاڳاپا سٺا نه رهيا آهن هن چيو ته پ پ پ واحد پارٽي آهي جنهن ڊڪٽيٽرن جو کلي مقابلو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *