ڀارتي انتهاپسندن ڪولڪتا ۾ به پاڪ – ڀارت ميچ روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوا) ڀارتي انتهاپسندن هڪ ڀيرو وري ڌرم شالا کان ايڊن گارڊن ڪولڪتا اماڻيل پاڪ – ڀارت ميچ روڪڻ جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ڀارتي انتسهاپند تنظيم اي ٽي ايف آئي( اينٽي ٽيررسٽ فرنٽ انڊيا) سيڪيورٽي ڪارڻن جي ڪري ڌرم شالا کان ڪولڪتا اماڻيل پاڪ – ڀارت ميچ روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ تنطيم جو چوڻ هو ته اسان پاڪستان کي ڪولڪتا ۾ ڪنهن به صورت ۾ ميچ کيڏڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن ميچ نه روڪي وئي ته پچ اکيڙي ڇڏينداسين، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ – ڀارت ميچ خلاف مظاهرا ڪيا ويندا ۽ ٻنهي ملڪن جي ٽيمن ۾ مقابلو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *