ڀارتي اداڪار ڪيمرائن سامهون پيار جو اظهار ڪرڻ بدران ڪپڙن جي نماءَ سان پيار ڪن ٿا :اوم پوري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اوم پوريءَ چيو آهي ته ڀارتي اداڪار ڪيمرائن سامهون پيار جو اظهار ڪرڻ بدران ڪپڙن جي نماءَ سان پيار ڪن ٿا. هن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪپڙن سان ايترو پيار نه ٿو ڪيووڃي، جيترو اڄ ڪلهه ڀارتي اداڪار پنهنجي ڪپڙن سان ڪن ٿا. ڀارتي ليجنڊ اوم پوريءَ فلم سازن تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اداڪارن کي سٺن ڪپڙن کان سواءِ نه ٿا ڏيکاري سگهو، ته پوءِ انهن جي چهرن جي فلمبندي ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ پيار جي اظهار وارا منظر صحيح نموني نه ٿا فلمايا وڃن. ياد رهي ته اداڪار اوم پوري ڀارت جي سوين ڪامياب فلمن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري چڪو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *