ڀارتي اداڪار انيل ڪپور پاران پاڪستان اچڻ جي خواهش

دبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم اسٽار انيل پور پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي گذريل ڏينهن دبئي ۾ پنهنجي نئين فلم مبارڪان جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انيل ڪپور جو چوڻ هو ته پشاور منهنجو اباڻو شهر آهي منهنجو والد ۽ منهنجو ڏاڏو پشاور جا رهواسي هئا دلي خواهش آهي ته مان پساور وڃان جڏهن به موقعو مليو ته اتي ضرور ويندس هڪ سوال تي هن جو چوڻ هو ته فنڪار پاڻ ۾ پيار، محبت ۽ امن کي هٿي ڏين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ به فنڪارن جي هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ وڃن سان ٻنهي ملڪن جون نفرتون گهٽ ٿينديون هن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني فنڪار باصلاحيت آهن هميشا انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ تمام سٺو لڳندو آهي منهنجي ڌيءُ سونم ڪپور به پاڪستاني فنڪار فواد خان سان گڏ ڀارتي فلم ۾ ڪم ڪيو جنهن کي پاڪستان ۽ ڀارت سميت پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *