ڀارتي اداڪاره ڪوئنا مترا کي ڇهه مهينا قيد جي سزا

 

ممبئي: (شوبز نيوز) ڪوڙو چيڪ ڏيڻ بابت هڪ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اندهيري، ممبئي جي عدالت اداڪاره ڪوئنا مترا کي 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائيندي چيو آهي ته هو مقامي ماڊل پونم سيٺي کي 4 لک 64 هزار روپيه به ادا ڪري جنهن مان 3 لک روپيه اصل رقم آهي جڏهن ته 1 لک 64 هزار روپيه ان رقم تي ڇهن سالن  جي دوران واجب الادا ٿيل وياج  جي آهي.هي ڪيس ممبئي جي مقامي عدالت ۾ 2013 کان ٻڌڻي هيٺ هو جنهن ۾ ماڊل پونم سيٺي الزام لڳايو هو ته ڪوئنا مترا وقفي وقفي ان مون کان 22 لک روپيه قرض کڻي  چڪي آهي جڏهن ته قرض جي قسط 3 لک روپين جي رقم هن چيڪ جي صورت ۾ ادا ڪئي جيڪو بائونس ٿي ويو. پونم سيٺي عدالت کي درخواست ڏني ته ڪوئنا مترا جي خلاف فراڊ جي ڏوهه ۾ ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مون کي پنهنجي رقم واپس ڏياري وڃي.ڇهن سالن کان  جاري رهندڙ هن ڪيس ۾ ڪوئنا جو چوڻ آهي ته پونم جي مالي حيثيت اهڙي ناهي ته هو قرض ڏئي سگهي. هن دوستي جو فائدو کڻندي منهنجو صحيح ٿيل چيڪ بڪ چوري ڪري ورتو هو. ڊگهي عرصي تائين ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ڪوئنا جو موقف رد ڪندي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.فيصلي موجب  ڪوئنا نه صرف وياج سميت اصل رقم واپس ڪندي پر ڌوڪو ڏيڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا جيل به ڀوڳيندي. ياد رهي ته ڪوئنا مترا جو شمار بالي ووڊ جي آئٽم گرلز ۾ ٿيندو آهي جنهن(اپنا سپنا مني مني) ۾ رتيش ديش مکهه سان گڏ ڪردار ادا ڪرڻ کان علاوه ڪجهه وڌيڪ فلمن ۾ سائيڊ رول جي طور تي ۽ آئٽم  نمبرن ۾ به پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *