ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي شهر بريلي جي انتظاميه پريانڪا چوپڙا جو نالو ووٽر لسٽ مان  خارج ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پريانڪا بريلي ۾ ووٽ جي حق کان محروم ٿي وئي آهي پريانڪا چوپڙا جو شمار بالي ووڊ سان گڏوگڏ هاليووڊ جي به مشهور اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي هالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجوجد پريانڪا پاڻ کي محب وطن شهري چوندي آهي ۽ اڪثر ڀارت سان محبت جو اظهار ڪندي رهندي آهي جڏهن ته ڀارتي حڪومت پريانڪا جي باري ۾ ائين نه ٿي سمجهي تڏهن ته ان جو نالو ووٽر لسٽ مان خارج ڪري ان کي ۽ ان جي والده کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *