ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني روپوش، ملڪيت ضبط

 

ممبئي (شوبز نيوز)  ڀارت جي خاص عدالت منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي اداڪارا ممتا ڪلڪرني ۽ سندس مڙس جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارت جي خاص عدالت ۾ ماضي جي بي باڪ اداڪارا ممتا ڪلڪرني جي خلاف 2016 ۾ داخل ٿيندڙ منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اداڪارا ۽ سندس مڙس تي 2 هزار ڪروڙ رپين جي ماليت جي ايفي ڊرين ڪينيا اسمگل ڪرڻ جو الزام هو .عدالت اداڪارا ۽ سندس مڙس وڪرم گواسوامي کي رپوش قرار ڏيندي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.خاص عدالت پنهنجي تفصيلي فيصلي ۾ ممبئي جي علائقي ۾ قائم اداڪارا جي ٽن فليٽن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جن جي ماليت 20 ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي. ان کان اڳ ڀارتي پوليس هن ڪيس ۾ رقم جي منتقلي جي حوالي سان ممتا ڪلڪرني جا بينڪ اڪائونٽ ٽرانزيڪشن ۽ بينڪ جي وچ ۾ ٿيندڙ اي ميل ڳالهه ٻولهه جو ريڪارڊ پڻ پيش ڪيو هو. هن ڪيس ۾ اداڪارا ۽ سندس مڙس جي کانسواءِ 14 ٻيا جوابدار پڻ نامزد آهن. پوليس موجب ڊرگ مافيا جي ڊيلر ”جي مکي“ پوليس جي اهم معلومات ۽ ثبوت فراهم ڪيا، جنهن تحت ڀارت جي ۾ پوليس اداڪارا جي مڙس کي ساٿين ايفي ڊرين جو وڏو مقدار ڪينيا اماڻي هئي جنهن کي اداڪار جي مڙس وڪرم گواسوامي وصول ڪيو هو جڏهن ته رقم اداڪارا جي اڪائونٽ ۾ موڪلي وئي هئي. جنهن بعد عدالت گذريل سال اداڪارا ۽ سندس مڙس جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. جڏهن ٻئي پاسي  ٻئي  عدالت ۾ پيش نه ٿيا.ماضي جي مشهور اداڪارا 46 ورهين جي ممتا ڪلڪرني ڊرگ اسمگلنگ جي حوالي سان سمورا الزام رد ڪندي انهن الزامن کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏنو هو. ممتا ڪلڪرني ڪڀي تم ڪڀي هم، ڇپا رستم، ڪرانتي وير ۽ ڪرن ارجن جهڙي بلاڪ بسٽر فلمن ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو. پر منشيات واپرائڻ سبب 1992 کانپوءِ ڪنهن به فلم ۾ نظر نه آئي، ممتا ڪلڪرني 2013 ۾ وڪرم گواسوامي شادي ڪئي، هو پنهنجي مڙس سان گڏ نيروبي ۾ ڪينيا ۾ رهندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *