ڀارت، پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ غير رياستي عنصرن جي مدد ڪري رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ غير رياستي عنصرن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪستان هندوستان سان غير مشروط ڳالهيون چاهي ٿو، ڪشميرين جي حمايت جاري رکي ويندي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي نينگري گيتا جي واپسي بابت ڀارتي هاءِ ڪميشن جي جواب جو انتظار ڪيو پيو وڃي، اميد آهي ته هندوستان معاملي کي سنجيده وٺندو. هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف 20کان 23 آڪٽوبر تي امريڪا جو دورو ڪندو، جنهن دوران سندس امريڪي صدر براڪ اوباما سان ملاقات به رٿيل آهي. سندس چوڻ هو ته وزير اعظم، امريڪي صدر براڪ اوباما سان ملاقات دوارن ڪشمير تڪراري مسئلو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ٿيل اڳڀرائين بابت آگاهه ڪندو. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارت، پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ دشمنن جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪستان، ڀارت سان ڪشمير تڪرار تي غير مشروط ڳالهيون چاهي ٿو. قاضي خليل الله چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو وجود ناهي، پاڪستان ڀارتي مداخلت جا گڏيل قومن کي ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن. قاضي خليل الله وڌيڪ چيو ته ڀارتي سرڪار مسلمانن تي تشدد واري معاملي جو  نوٽيس ورتو آهي، هندوستان کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مثبت قدم کڻڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *