ٿيليم اسڪين رپورٽ اڳوڻي وزيراعظم کي پريشان ڪري ڇڏيو، دل جي هڪ رڳ ۾ معمول کان وڌيڪ تنگي جا اثر ظاهر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي ۾ ڪيل ٿيليم اسڪين ٽيسٽ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ سندس دل جي هڪ رڳ ۾ معمول کان وڌيڪ تنگي جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن.  پنجاب اسنٽيٽيوٽ آف ڪارڊولوجي ۾ گذريل ڏينهن طبي معائني دوران نواز شريف جو ٿيليم اسڪين ٽيسٽ پڻ ڪيو ويو هو ، جنهن ۾ نواز شريف جي دل جي هڪ رڳ  ۾ معمول کان وڌيڪ تنگ هئڻ جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن، رڳ ۾ رنڊڪ جي ڪري دل جي هيٺين حصي کي رت جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي.  ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته دل جي رڳ ۾ رڪاوٽ پراڻي به ٿي سگهي ٿي. بيماري جي حتمي تشخيص لاءِ نواز شريف جي اينجيو گرافي جي ضرورت به پيش اچي سگهي ٿي.  نواز شريف جي اي سي جي ۽ ايڪو ڪارڊيوگرافي رپورٽ به ڳڻتي جوڳي آئي هئي، جن جي رپورٽن موجب نواز شريف دل جا پٺا سخت  وال به معمل کان تنگ آهن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *