ٿر ۾ ڏڪار، وڌيڪ ٻن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت

ٿرپارڪر (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر تان موت جو راڪاس نه ٽــَريو، وڌيڪ ٻن ابهم ٻارڙن ۽ پيرسن جوڙي سميت 5 حياتيون ضايع ٿي ويون، جنهن بعد ڏيڍ مهيني دوران 53 ٻارن سميت فوتين جو انگ 64 ٿي ويو. ڏيپلي جي ڳوٺ ورنائي جا ڏُڪار سٽيل 2 ٻارڙا فوت ويا، جن ۾ الهجڙيو ۽ امتياز شامل آهن. فوت ٿي ويل هڪ ٻار جي والدين ٻڌايو ته الهجڙيو کي بدين جي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏنو. کيسر واري علائقي ۾ پيرسن ميوو ميربحر ۽ سندس زال جئيان دم فوت ٿي ويا. مٺي جي سول اسپتال ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب 28 ورهين جي مهيش سنگجو دم ڏنو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته خوراڪ جي کوٽ سبب موت جو راڪاس انساني حياتيون ڳڙڪائي رهيو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مٺي جي سول اسپتال ۾ 3 ابهم ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا، جن ۾ پورهيت هوٿي ڪولهي، غلام مصطفيٰ ۽ نگو بجير جا پٽ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *