ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا

ٿرپارڪر(رپورٽر) ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌيڪ تيز ٿي ويو، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، 75 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ 223 ٿي ويو آهي… مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار 10 ڏينهن جو ٻارڙو ڪملاش فوت ٿي ويو.. ڏيپلو جي ڳوٺ پاڙهو ۾ 2 مهينن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي…… ٿر ۾ حڪومتي بي حسي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بدستور جاري آهي، پر حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي قهل نه آئي، 223 ٻارڙا فوت ٿيڻ باوجود انتظاميا کي رحم نه آيو…. روزانو ٻارڙا فوت ٿيڻ سبب ٿر ۾ ماتم متل آهي، هر طرف جنازا کڄي رهيا آهن، پر انتظاميا معصوم انساني جانيون بچائڻ لاءِ تحرڪ نه ورتو. ٿڌ وڌڻ ڪري ٻارڙا وڌيڪ بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، اسپتالون بيمار ٻارن سان سٿجي ويون آهن، پر صحت جون بهتر سهولتون ڏيڻ توڙي کاڌ خوراڪ جا ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *