ٿر ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا، هلندڙ مهيني فوتگين جو انگ 124 ٿي ويو

مٺي (اين اين آءِ) ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ 6 ٻارڙا پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 124 ٿي ويو آهي اطلاعن مطابق غذائي کوٽ ۽ صحت جون بنيادي سهولتون نه هئڻ سبب سنڌ جي ضلعي ٿر ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا فوتي ٻارڙن ۾ مٺي جو هڪ ورهين جو سمجهو ڀيل، هڪ هڪ ڏينهن جو عبدالحميد ۽ عمرگل، ڏيپلو جي چئن ڏينهن جي نازيه ڳوٺ ارنيارو جو ستن مهينن جو پرڪاش ڪمار ۽ ٽن ڏينهن جي ٻارڙي شامل آهي واضح رهي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ هلندڙ مهيني هن وقت تائين 124 جڏهن ته هلندڙ سال 224 ٻارڙا غذائي کوٽ سبب پنهجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته سول اسپتال مٺي سميت ٿر جي مختلف اسپتالن ۾ 200 کان وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *