ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت

مٺي (نمائندو) ٿر ۾ ڏڪار سبب موت جو راڄ برقرار آهي، خوراڪ جــِي کوٽ ۽ بيمارين سبب وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا. مٺي سول اسپتال ۾ داخل ٽن ڏينهن جو رزاق، ٻن مهينن جي ڪنول، چئن مهينن جو حسن، زبيده ۽ هڪ ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويا. هوڏانهن ڇاڇري ۾ به هڪ ٻار غذائي کوٽ سبب فوت ٿي ويو. مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو تعلقن جي اسپتالن ۾ سوين ٻار ۽ عورتون خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب داخل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *