ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، انگ 373 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي،وڌيڪ ٽن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو 8 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 373 ٿي ويو. اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ مهرياري ۾ 14 مهينن جو ٻارڙو عبدالخالق ۽ ڳوٺ ڪــُرن جي رهواسي خان محمد مهراڻ پوٽي جي ڏيڍ مهيني جي پٽ شمس الله دم ڏنو. مٺي جي سول اسپتال ۾ ڳوٺ نينسر جي رهواسي مڪيش ميگهواڙ جو 7 مهينن جو پٽ ساگر فوت ٿي ويو. سول اسپتال مٺيءَ ۾ هن وقت هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن،جڏهن ته اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ڇاڇري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ پڻ ڪيترن ئي ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ ٽن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد هڪ سئو 18 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 373 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *