ٿر ۾ موت جو راڄ برقرار، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، انگ 363 ٿي ويو

مٺي (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم گلن جي ڪومائجڻ جو سلسلو نه رُڪجي سگهيو، وڌيڪ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو 12 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 363 ٿي ويو آهي. ڏيپلي جي ڳوٺ ساچي مورا ۾ ڇهن ڏينهن جي نورين ڀيل ۽ ننگرپارڪر جي ڳوٺ سونڊار ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو. مٺيءَ جي سول اسپتال ۾ هن وقت 50 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آهن،جڏهن ته اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ڇاڇري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ پڻ ڪيترن ئي ٻارڙن جو علاج هلندڙ آهي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ ٻن ٻارڙن جَي فوت ٿيڻ بعد هڪ سئو 12 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 363 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *