ٿر ۾ موت جو راڄ، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي (نمائندو) ڏڪاريل ڏيهه ٿر ۾ موت جو رقص جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. ٿر ۾ خوراڪ جــِي  کوٽ، بيمارين ۽ علاج جون سهولتون نه هئڻ سبب موت جو پاڇو برقرار آهي. ننگرپارڪر جي ڳوٺ سندر واسي هڪ مهيني جي مهناز ڌيءَ لياقت سول اسپتال مٺي ۾ دم ڏنو. ڳوٺ ڀارنو واسڻ 11 ڏينهن جي اسماءَ ڌي سومار چلهار به سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. سول اسپتال ۾ ئي جگديش جو تازو ڄاول ٻارڙو به فوت ٿي ويو، جنهن بعد اڄوڪي ڏينهن فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *