ٿر ۾ معصوم گلن جي ڪومائجڻ جو سلسلو نه رڪيو، وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

مٺي (نمائندو) ڏُڪاريل ڏيهه ٿر ۾ معصوم گلن جي ڪومائجڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو، وڌيڪ چئن نينگرين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ هڪ سئو ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 339 ٿي ويو آهي. مٺي سول اسپتال ۾ تازيون3 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، جن ۾ اڪبر جوڻيجي جي 8 ڏينهن جي ڌيءَ بيبي، ڳوٺ گوديار جي رهواسي رحم علي جي ڌيءُ حسينا ۽ ڳوٺ ڏيٿا ڀيل جي رهواسي ڪِسرو جي ٻن ڏينهن ٻارڙي شامل آهي. ڪلوئي جي ڳوٺ حاجي خان لــُنڊ ۾ عبدالرزاق جي ٻن ڏينهن جي ڌيءُ رضوانا لــُنڊ فوت ٿي وئي. اڄوڪي ڏينهن دوران وڌيڪ چئن ٻارڙين جَي فوت ٿيڻ بعد 100 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 339 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڏُڪار سبب ڏک، بک ۽ بيمارين جي گهيري هيٺ آيل وڌيڪ ڪيترائي معصوم ٻارڙا اسپتالن ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *